حافظ حڪومت خان

حافظ حڪومت خان: علي مراد خان ٽالپر جي فوج جو ڪاروبار خيرپور جي ٻين ميرن کان جدا هوندو هو. سندس فوج کي ’زرطلب‘ ڪري سڏيو ويندو هو. مير علي مراد جي فوج جا سمورا ماڻهو هندستان، ڪابل، پنجاب ۽ پشاور جا هئا، جن مان هر هڪ دستي کي ’روهلين يا پٺاڻن‘ جو دستو سڏيندا هئا. انهن دستن مان هڪ دستي جو سپهه سالارحڪومت خان'>حافظ حڪومت خان‘ هو. حڪومت خان'>حافظ حڪومت خان اصل ۾ ملتان جو رهاڪو هو. هيءُ ملتان جي حاڪمن کان ناراض ٿي بهاولپور آيو، پر اتي به قدر نه ڏسي سڌو خيرپور هليو آيو، جتي هن جي بهادري ۽ ايمانداري ڏسي مير علي مراد هن جي سرپرستي ڪئي ۽ کيس پنهنجي فوج جي هڪ دستي جو جنرل مقرر ڪيو. حافظ حڪومت خانبهادري ۽ جنگي مهارت رکڻ سان گڏ قرآن پاڪ جو حافظ هو. مير صاحب جو مٿس مڪمل اعتماد هوندو هو. مير علي مراد ڪيڏانهن به ويندو هو ته حافظ حڪومت جي دستي سان گڏ نڪرندو هو.


لفظ حافظ حڪومت خانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو